پاڪستانسنڌ

راڻاسر ترائي تي سهولتن جي کوٽ، روڊ به ٺهي نه سگهيو

چيلهار: چيلهار ۽ ڀرپاسي ۾ سانوڻي برساتن بعد هر پاسي ساوڪ هجڻ سبب سياحن جي آمد جو سلسلو به جاري آهي. چيلهار کان 2 ڪلوميٽرن تي قائم ٿر جي مشهور ۽ تاريخي تفريح ماڳ راڻاسر ترائي تي انتظاميا سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام آهي. مين روڊ کان هڪ ڪلوميٽر تائين روڊ نه هجڻ ڪري پري پري کان ايندڙ ڪيترائي سياح سخت پريشان ٿي وڃن ٿا، ڪچي رستي سبب گاڏيون ڦاسي پوڻ روز جو معمول بڻيل آهن. ان ڏس ۾ ساڃاهه وندن چيو ته راڻاسر ترائي تاريخي ترائي آهي، انتظاميا جي بي ڌياني سبب کوٽائي ڪري مٽي کڻڻ سميت ترائي جي اصل شڪل تبديل ڪرڻ لا مافيا گهٽ ظلم ناهي ڪيو. سياحت کاتي سميت ضلعي انتظاميا کي گهرجي ته کوٽائي ڪري تاريخي ترائي جون اجڙيل رونقون ٻيهر بحال ڪيون وڃن ۽ مين روڊ کان ترائي تائين لنڪ روڊ تعمير ڪرائي سهولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button