پاڪستانسنڌ

ڌاڙيل شڪست ڏسي ٻارن کي پيا اغوا ڪن، غريب ماڻهو ڪٿان ڀنگ ڏيندا:وڏو وزير

گهوٽڪي/اوٻاوڙو/ڪنڌڪوٽ: سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه چيو آهي ته ڌاڙيل شڪست ڏسڻ بعد معصوم ٻارن کي اغوا ڪري رهيا آهن، غريب ماڻهو ڪٿان ڀنگ ڏيندا. سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه چيو آهي ته مون کي ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعن جي ڪراچي ۾ بريفنگ ڏني وئي هئي، انھي صورتحال کي معلوم ڪرڻ لاءِ دورو ڪرڻ ضروي سمجھيو، ھتي دوري دوران مونکي جيڪا آئي جي سنڌ بريفنگ ڏني آهي، هاڻ مان سمجھان ٿو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال گهڻي قدر بهتر ٿي آهي. ضلعي گهوٽڪي ۽ ڪشمور اندر جيڪا بدامني هئي، ٽريپ ذريعي غريب ماڻهن کي اغوا ڪيو ويندو هو، هاڻي اها زيرو ٿي وئي آهي، وڌيڪ ڪشمور پوليس به چوڪيون ٺاهي امن امان قائم ڪرائڻ ۾ سٺو ڪردار ادا ڪيو آھي، ڪشمور ضلعي ۾ امن امان جي حوالي سان ڪافي بھتري اچي رھي آھي، ھاڻي ڌاڙيل پنهنجو انجام ڏسي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن، جيڪي هاڻ بزدلاڻي حرڪت ڪري غريب ماڻهن کي اغوا ڪن ٿا، گهڻي ڀاڱي ڪجهھ مغوي بازياب ڪرايا آهن، جيڪي اغوا ٿيل آهن، اهي به بازياب ٿي ويندا، ڌاڙيل مغوين جي تشدد واريون وڊيوز ٺاهي سنڌ کي بدنام ڪري رهيا آهن، پوليس گهڻي ڀاڱي ثابت قدم رهي آهي. اوٻاوڙو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته پوليس ۽ سنڌ حڪومت کي هڪ وڏي ڪاميابي ملي آهي، گذريل ڪجھه ڏينهن اڳ ڪشمور پوليس بھادري سان ڪاروائي ڪري انعام يافتا خطرناڪ ڌاڙيلن کي جھنم واصل ڪيو آهي، جيڪي ڏوھاري رهيل آهن، انهن کي به پوليس پنھنجي حڪمت عملي سان جلد پنهنجي انجام تائين پهچائيندي. پوليس جي ڪارگردگي تمام بھتر آھي، اسان کي پوليس جي بھادر جوانن تي فخر آھي، جن پنھنجي جانين جا نظرانا ڏئي امن امان کي بحال رکيو ۽ عوام کي تحفظ ڏيڻ لا شھادتون ماڻي سنڌ پوليس جو مورال بلند ڪيو آهي، ھن وقت پوليس مقابلن ۾ 52 انعام يافتا ڏوھاري مارجي ويا آھن، ڪچي پوليس پڪٽون قائم ٿيڻ سان ڏوھاري ڪچي تائين محدود ٿي ويا آهن، عوام کي انصاف ۽ تحفظ ڏيڻ اسان جي پھرين ترجيع آھي، امن امان کي برقرار رکڻ لا ھتي پھچي موقعي تي جائزو وٺڻ منھنجي دلي خواھش ھئي. ان موقعي تي صوبائي وزير شبير بجاراڻي، مڪيش ڪمار چاولا، ڄام خان شورو، اعجاز جکراڻي، ضلعي چيئرمين بنگل خان مھر، ضلعي صدر بابر خان لنڊ ۽ محمد يوسف ڀٽو موجود هئا. جنھن بعد وڏو وزير ڪشمور طرف روانو ٿي ويو. ٻئي پاسي گڊو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد شاهه وڌيڪ چيو ته ڪچي واري علائقي ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ پوليس اهلڪارن کي ڪچي ۾ آپريشن وارو الائونس ڏنو ويندو ۽ بهادري تي انعامن سان پڻ نوازيو ويندو. معصوم ٻارڙي فرحان سومرو سميت اغوا ڪيل سمورن 10 ماڻھن کي 10 ڏينهن اندر بازياب ڪرايو ويندو. جڏهن ته ايس ايس آفيس ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ۾ امن امان واري صورتحال جو جائزو وٺڻ بابت اهم اجلاس جي صدارت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڪچي جا ڌاڙيل شڪست ڏسي هاڻ 7 کان 9 سالن جي معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪري رهيا آهن. انهن ڌاڙيلن کي غريب ماڻھو ڪٿان ڀنگ جي رقم ڏئي سگھندا؟ هنن جو مقصد رڳو دهشت پکيڙڻ آھي، مان ان سلسلي ۾ ميڊيا کان مدد گهران ٿو، توهان حڪومت جو ساٿ ڏيو، انشاءَ الله هن سڄي علائقي مان ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيو ويندو. اوهان کي ياد هوندو ته 2007-08 ۾ جيڪڏهن اسان سکر کان جيڪب آباد يا ڪشمور تائين قافلي جي صورت ۾ سفر ڪندا هئاسين، سڄو صوبو ڌاڙيلن جي چنگل ۾ هوندو هو، شهري ڌاڙيل الڳ ھئا ۽ ڳوٺن جا ڌاڙيل الڳ هئا. سڀني جو خاتمو ڪيو ويو آھي، هن وقت رڳو مسئلا ٽن ضلعن ۾ آهن، ھتي رڳو ھڪ ٻار جي ڳالهه ڪري رهيا آهن پر سندس اغوا جو ڪو به ثبوت ناهي. شڪارپور، سکر ۽ گهوٽڪي صاف آهن، ڪو به يرغمال ناهي. انشاءَ الله ايندڙ 10 ڏينهن ۾ ڪشمور کي به ڌاڙيلن کان پاڪ ڪنداسين. وڏي وزير مراد چيو ته ڪنڌڪوٽ-ڪشمور ضلعي جي صورتحال ڪجهه ڏينھن اڳ بگڙيل ھئي، پر ھڪ ھفتي کان سنڌ پوليس جون امن امان بحال ڪرائڻ لاءِ ڪامياب ڪاروايیون جاري آھن، ڪچي جي علائقي ۾ دھشت جي علامت بڻيل بدنام ڌاڙيل جانو انڍڙ سميت 8 ڌاڙيلن کي ماري جديد ۽ خطرناڪ ھٿيار ھٿ ڪيا ويا آھن، انھي ھفتي ۾ ٻن معصوم ٻارن سميت 9 مغوين کي بازياب ڪرايو ويو آهي، بي رحم ڌاڙيل سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس کي بدنام ڪرڻ لا ھندو برادري ۽ غريب ماڻھن کي اغوا ڪري رھيا آھن، غريبن مان ڌاڙيلن کي ڇا ملندو، ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خاص ھدايتون ڏنيون آھن، جنھن تي عمل ڪري پوليس کي اسان سھولتون ڏنيون آھن ته جيئین اسان جي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ امن قائم ٿي سگھي. گھوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل پ پ جو ميگا پروجيڪٽ آھي، پل ٺھي وڃڻ بعد انھي ضلعي جي عوام سميت سڄي ضلعي جي عوام کي فائدو ملندو، پل ٺھڻ بعد ڪچي جو امن امان به بحال ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button