زراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

ٽنڊي غلام علي ۾ گڏهن جي وڪري جي پڙي لڳي وئي، مهانگائي سبب ٻاڙائي

ٽنڊي غلام علي ۾ هر سال جيان 11 محرم الحرام تي گڏھن جي پڙي لڳائي وئي، جتي مختلف نسلن جا لڳ ڀڳ 300 گڏھه وڪري لا آندا ويا ۽ وڏي واڪ طور 3 لک رپيا رقم ۾ ماتلي واسي خفتي نجف دايو جي گڏھه جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو. گڏھن واري پڙي اوليا سوائي گهوٽ جي مزار ڀرسان واٽر سپلا ميدان ۾ لڳائي وئي آهي، جتي گڏھه گهٽ تعداد ۾ آڻڻ جو بنيادي سبب برساتون ۽ ملڪ ۾ وڌيل مهانگائي قرار ڏنو پيو وڃي. ذريعن موجب هن سال گڏھن جي پڙي جو ٺيڪو تمام گهٽ رقم ۾ وڃڻ جا اطلاع آھن، اهو ٺيڪو پڻ ڊگهڙي واسي ٺيڪيدار ڪاشف قائمخاني پاران کڻڻ جا اطلاع آھن. ٻئي طرف گڏھن جي پڙي ۾ ايندڙ واپارين جي وڏي انگ پڙي ۾ ٻاڙائي جو سبب ٻڌائيندي چيو ته پڙي ۾ گڏھن جي انٽري في ڪلو جي حساب سان تمام گهڻي ۽ خريداري سميت وڪري واري وصولي وارو ٽئڪس پڻ وڌيڪ ورتا پيا وڃن. پڙي ۾ گڏھن جي سينگار سميت هوٽلون، ڪيبن ۽ کاڌي پيتي جا اسٽال به محدود انگ ۾ ڏسڻ ۾ آيا. هي پڙي گذريل 150 سالن کان شهر جي مختلف جاين تي لڳندي پئي اچي، پڙي ۾ ٿري، لاڙي، لاسي، کوڌا، خچر ۽ ٻين جنسن جا گڏھه واپار لا آندا ويندا هئا، هتي خريدارن کان علاوه عام شوقينن جو وڏو انگ گڏھن جي ڊوڙ ڏسڻ لا ايندو هو. هن ڀيري ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي گڏھن جي وڪري ۽ خريداري تي تمام خراب اثر ڇڏيا آھن. پڙي ۾ ايندڙ خفتين مطالبو ڪيو آهي ته 150 سالن کان لڳندڙ گڏهن جي پڙي کي سهائتا وٺڻ لا ٽائون ڪميٽي اختيارين کي مالڪي ڪرڻي پوندي، انٽري في کان علاوه وڪري ۽ خريداري واري وصولي ۾ نرمي ڪري واپارين کي رعايت ڏني وڃي، جنهن سان ڪمائي ۾ واڌ ايندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button