پاڪستانسنڌ

وڏي وزير جي سڄو علائقو ڌاڙيلن کان خالي ڪرائڻ جي هدايت

اوٻاوڙو/ڪنڌڪوٽ: وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ روڊ رستي گهوٽڪي انٽر چينج ذريعي اوٻاوڙو جي ڪچي واري علائقي رانوتي لڳ بچابند تي پوليس جي ڪارگردگي ۽ امن امان جي صورتحال معلوم ڪرڻ لا پھتا، جتي قائم ٿيل 170 پوليس پڪٽن جو معائنو ڪرڻ بعد ٻئي بند تي قائم ٿيل پوليس چوڪين تي مقرر ٿيل پوليس اهلڪارن سان ملاقات پڻ ڪئي، جنهن کانپو اسد شاهه دم دمي تي پهتو. بعد ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه ڪنڌڪوٽ ايس ايس پي آفيس پهچي امن امان بابت منعقد اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ڄام خان شورو، شبير بجاراڻي، مڪيش ڪمار چاولا، صلاحڪار اعجاز جکراڻي، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، ڪمشنر لاڙڪاڻو گهنور لغاري، ڊي آءِ جيز سکر ۽ لاڙڪاڻو شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي آئي جي پوليس ٻڌايو ته بدنام ڌاڙيلن جانو انڍڙ ۽ سومار شر کي جهنم ڏانھن موڪليو ويو آهي، انهن ڌاڙيلن وٽان جديد هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن. وڏي وزير هدايتون ڏيندي چيو ته ڏاڙيلن وٽان جيڪي هٿيار ھٿ ڪيا ويا آھن، انھن جي فرانزڪ ڪرائي وڃي ته جيئن معلوم ٿئي ته هٿيارن جي بناوت ڪھڙي آھي. وڏي وزير چيو تھ پوليس کي وڌيڪ سھولتون ڏيڻ لاءِ تيار آھيان، پر مون کي ڌاڙيل کان پاڪ صوبو گهرجي. هن چيو ته پوليس سٺو ڪم ڪري رهي آهي پر مان بهترين ڪم چاهيان ٿو، اڃا به 10 ڄڻا يرغمال آهن، جن کي جلد بازياب ڪرايو وڃي. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪندي چيو ته ڪچي ۾ پڪيون پڪٽس ٺاهيو وڃي، جيڪي پوليس پڪٽس ٺاھيون وڃن انهن کي نوٽيفاءِ ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته امن امان جي بحالي اسان جي ذميواري آهي، ھتان جو عوام پاڻ کي محفوظ محسوس ڪري مان سندس ڪاميابي سمجهندس. هن وڌيڪ چيو ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي ٽريننگ پڻ ڏني وڃي. مراد شاهه چيو ته گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جي تعمير سان ڪچي وارو علائقي ظاھر ٿي پوندو، جنهن سان ڏوهارين جو خاتمو ٿيندو، مان ڪچي جي پڪٽس تي پوليس اهلڪارن سان ملاقات ڪئي آهي، اسان جي اھلڪارن جا حوصلا بلند آھن. وڏي وزير ڪچي ۾ روڊن جي تعمير جي هدايت ڪئي ۽ راونتي کان بچايو بند تائين روڊ جي تعمير جي به هدايت ڪئي. ان کان پھرين وڏي وزير مراد شاهه کي پوليس جي دستي سلامي ڏني. وڏي وزير شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. وڏي وزير گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ-ڪشمور ضلعن جي ڪچي ۾ قائم پوليس چوڪين جو معائنو به ڪيو ۽ پوليس اهلڪارن سان پڻ ملاقات ڪئي. هن ڪچي جي علائقي بيلا ميرپور جي چوڪي نمبر 40 جو معائنو ڪيو. وڏو وزير ڪاٺ جي ڏاڪڻ تي چڙھي چيڪ پوسٽ تي ويو ۽ پوليس اهلڪارن سان ملاقات ڪئي. آئي جي پوليس غلام نبي ميمڻ وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڪچي ۾ 170 پوليس چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن ۽ 170 مان 130 چيڪ پوسٽون پڪيون ٺاھيون ويون آهن. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي ھدايت ڪئي تھ سادي پوليس چيڪ پوسٽ کي پڪو ڪرايو وڃي. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته 170 چيڪ پوسٽن تي 1360 پوليس اهلڪار مقرر آهن. رانوتي واري علائقي اندر 100 چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن. مراد شاهه ڪچي جي پوليس کي جديد هٿيار ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير چيو ته پاڪ فوج سان ڳالهائيندس ۽ پوليس کي جديد ۽ حساس هٿيار فراهم ڪندس. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪندي چيو ته بهترين رٿابندي سان سڄي علائقي کي ڌاڙيل کان خالي ڪرايو وڃي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 5400 ايڪڙ ڪچي وارو علائقو ڌاڙيلن کان خالي ڪرايو ويو آهي، 70 يرغمالين کي بازياب ڪرايو ويو آهي، 52 ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيو ويو آهي ۽ 85 ڌاڙيلن جا سهولتڪار پڻ گرفتار ڪيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button