پاڪستانسنڌ

وڏي وزير پاران گڊو بئراج ۽ رانوتي بند جو معائنو

ڪنڌڪوٽ: وڏي وزير مراد علي شاهه گڊو بئراج پهچي سنڌو درياھھ ۾ پاڻي جي سطح جو معائنو ڪيو. وڏي وزير کي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ۽ آبپاشي سيڪريٽري ظريف کيڙو بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گڊو بئراج مان اڄ 467457 ڪيوسڪ پاڻي گذري رهيو آهي. آبپاشي کاتي سمورن بندن کي مضبوط ڪيو آهي ۽ ڪجهه بندن تي دٻاءُ آهي، پر صورتحال ڪنٽرول هيٺ آهي. ان کان اڳ وڏي وزير ميرپور ماٿيلو ۾ راونتي بند جو پڻ معائنو ڪيو. وڏي وزير راونتي بند سنڌو درياھھ جي ساڄي ڪناري تي گڊو بئراج کان 38 ڪلوميٽر ڊائون اسٽريم ۽ 88 ڪلوميٽر اپ اسٽريم جو معائنو ڪيو. وڏي وزير چيو ته دوري جو مقصد سنڌو درياهه ۾ بندن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته آبپاشي کاتي ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ بهتر انتظام ڪيا آهن. سنڌو درياهه ۾ گڊو وٽ هن وقت اٽڪل 4 لک 67 هزار 457 ڪيوسڪ پاڻي گذري رھيو آھي، اسان مڪمل طور تي تيار آهيون، سڀني بندن کي مضبوط ڪيو وڃي. هن سال اسان جي ساريون، ڪڻڪ ۽ ڪپهه جا فصل تمام سٺا ٿيا آھن. گذريل سال ٻوڏ ۾ اسان جي ماڻهن جو گهڻو نقصان ٿيو، اسان کين معاشي طور مستحڪم ڪنداسين. اسان زراعت کي ترقي ڏينداسين، اسان انفراسٽرڪچر ٺاهي رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button