سنڌ

سنڌ حڪومت ڪارونجهر جي نيلامي جو ٻيهر اشتهار ڏئي عوام سان دوکو ڪيو آهي:قادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ ڪارونجهر جي نيلامي واري اعلان جي سخت مذمت ڪندي واري ڏينهن کان حڪومتي مدو ختم ٿيڻ تائين ڊائريڪٽر جنرل مائنز اينڊ منرلز ڊولپمينٽ آفيس ڪراچي آڏو ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ جي تاريخي ثقافتي ماڳن سان هٿ چراند ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين، ڪارونجهر سنڌ جو ڪنڌ آهي جنهن کي ڪپڻ جي سوچ سنڌ دشمني تي ٻڌل آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت هڪ دفعو ٻيهر ڪارونجهر جي نيلامي جو اشتهار جاري سنڌ جي عوام سان دوکو ڪيو آهي، سنڌ حڪومت ويندي ويندي سنڌ جو ڪارونجهر کپائي پئسن سان پنهنجا گهر ڀرڻ چاهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سڀاڻي موئن جي دڙي جي هيٺان تيل يا گئس جو ذخيرو ملي ٿو ته ڇا موئن جي دڙي کي ميساري ڇڏيندا ۽ سنڌ جي هزارين سالن جي تهذيب جي ثبوت کي ختم ڪيو ويندو، اهو ڪنهن به صورت ۾ نٿو ڪري سگهجي نه وري عالمي اصولن ۽ قانون موجب تاريخي ۽ تهذيبي ماڳن کي ڊاٺو ويندو آهي. ايس ٽي پي سربراهه چيو ته جيڪڏهن ڪارونجهر جي نيلامي وارو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سنڌ جي گهٽي گهٽي ۾ سخت احتجاج ٿيندو، ڪارونجهر جي نيلامي خلاف ايس ٽي پي پاران اعلانيل ڌرڻي ۾ سنڌ جي مختلف مڪتبا فڪر جي ماڻهن کي شرڪت جي اپيل ڪجي ٿي، جيئن ٻٽي مڪاني نظام خلاف سنڌ سياسي جدوجھد ڪئي، ائين ڪارونجهر جي نيلامي واري فيصلي کي به سنڌي قوم پنهنجي سياسي جدوجھد سان ناڪام بڻائيندي، پ پ پ حڪومت ياد رکي، جيڪڏهن هي سنڌ دشمن فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سندن نمائندن جو اليڪشن ۾ ماڻهو بيضن ۽ ٽماٽن سان استقبال ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button