پاڪستانسنڌ

مراد شاهه گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل پهتو، ڪم تيز ڪرڻ جو حڪم

ڪنڌڪوٽ/گهوٽڪي: وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌو درياهه تي گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جي سائيٽ جو معائنو ڪيو. گهوٽڪي- ڪنڌڪوٽ پل جي ڊيگهه 15 ڪلوميٽر آهي، جيڪا سنڌو درياهه تي تعمير ٿيندڙ سڀ کان ڊگهي پل آهي. وڏي وزير ورڪس اينڊ سروسز کاتي کي هدايت ڪئي ته پل جي ڪم کي تيز ڪيو وڃي. وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو ڪم اين ايڇ اي جي اين او سي سبب بند ڪيو ويو آھي. وڏي وزير چيو ته مان مواصلات واري وفاقي وزير سان ڳالهائي اين او سي جاري ڪرائي ويندي. وڏي وزير چيو ته گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل سنڌ حڪومت ٺاهي رهي آهي، ان کانپوءِ ان قسم جا (اغوا) مسئلا به حل ٿي ويندا. دادو-مورو پل ٺهي ته فائدو ٿيو، اسان آمري وٽ پل ٺاهي، ان سان پڻ فائدو پھتو، ٺٽي ۾ اسان 2 پلون ٺاھيون، اتان اسان ڌاڙيلن کي روٽ آئوٽ ڪيو آھي. مراد شاهه چيو ته اوهان کي ٻڌايان ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ٻن ٽن مهينن لاءِ موڪلن تي ويندي پوءَ ٻيھر واپس ايندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button