سنڌ

جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جو ڪارونجهر نيلامي خلاف 4 آگسٽ تي ڪراچي ۾ ڌرڻي جو اعلان

جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي ڪارونجھر جبل کي سنڌ جو تاريخي، ثقافتي ۽ فطري ورثو قرار ڏيندي ان جي نيلامي خلاف 4 آگسٽ تي ڪراچي ۾ ڊي جي مائينز جي آفيس اڳيان ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي، جسقم ۽ ايس ٽي پي پڻ احتجاج جي حمايت ڪري ڇڏي. جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جو اجلاس ٺٽي ۾ ڪرناڻي ھائوس تي رياض چانڊيو جي صدارت ھيٺ ٿيو، جنهن ۾ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جسقم (آريسر) جي چيئرمين اسلم خيرپوري، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، حاجي انور ڪرناڻي، پنھل ساريو، نواز شاھه ڀاڏائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. قومپرست اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪارونجھر جبل نه فقط ٿر جي رھواسين جي زندگي سان لاڳاپيل ۽ اھم حيثيت رکي ٿو پر سڄي سنڌ جو تاريخي ثقافتي، مذھبي، جاگرافيائي ۽ فطري ورثو آھي، ڪارونجھر سان لکين سالن جي تاريخ جڙيل آھي، جيڪو لکين ماڻھن جي پيئڻ ۽ ٻي ضرورتن جي پاڻي مھيا ڪرڻ جو پڻ ذريعو آھي، جنهن جي نيلامي کي سنڌ جي نيلامي سمجھون ٿا، تنھن ڪري 4 آگسٽ تي ڊي جي مائينز ۽ منرلز جي آفيس ۾ جتي ڪارونجھر جي نيلامي جو واڪ ٿيندو ان جي اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو، سڄي سنڌ جي شعور کي اپيل ٿا ڪريون ته 4 آگسٽ تي ڊي جي آفيس اڳيان گڏ ٿي ڪارونجھر جي نيلامي کي روڪرائڻ ۾ پنھجو ڪردار ادا ڪن. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته قومي اسيمبلي ۾ جيڪي تڪڙا ۽ ھنگامي بل پاس ڪيا ويا آھن، جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي انھن بلن کي مڪمل طور رد ڪري ٿي، سنڌ جي انچ انچ جا وارث سنڌي آھن. ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ انساني حقن جي مسلسل لتاڙ ٿي رھي آھي، جنھن سبب ماڻھن جي زندگين کي زھر بڻايو ويو آھي، انساني حقن جي لتاڙ جو اھم پاسو قومي ڪارڪنن سميت مختلف ماڻھن کي کڻي گم ڪرڻ، فل فراءِ ۽ ھاف فراءِ ڪرڻ آھي، 30 آگسٽ کي جبري گمشدگين خلاف عالمي ڏھاڙي طور ملھايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button