
پاڪستان جي چنچل ادائن واري اداڪارا هانيا عامر اڄڪلهه آمريڪا ۾ موجود آهي، جتي اها گهرڀاتين ۽ دوستن سان گڏ گهمڻ ۾ مصروف نظر اچي رهي آهي، پر سندس تازو ڪرايل ديسي روپ وارو فوٽو شوٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي، جنهن کي مداحن پڻ وڏي تعداد ۾ ساراهيو آهي. هانيا عامر پنهنجي نئين فوٽو شوٽ ۾ مڪمل طور تي ثقافتي انداز ۾ نظر آئي آهي، جنهن بعد هانيا عامر جي رکيل فوٽو شوٽ جي وڊيو ۽ تصويرن کي هن وقت تائين پوڻا 2 لک لائيڪس مليون آهن.