بالي ووڊ جي ڪينيڊا ڄائي خوبصورت اداڪارا ۽ ڊانسر نورا فتيحي الزام لڳائيندي چيو آهي تھ بالي ووڊ ۾ فلم ميڪر رڳو چئن ڇوڪرين کي مک ڪردار ڏين ٿا، لاڳيتو اهي ئي ڪم ڪري رهيون آهن. هڪ انٽرويو دوران نورا فتيحي جو چوڻ هو تھ فلم ميڪر مون جهڙين اداڪارائن کي مک ڪردارن ۾ ڪاسٽ ڪرڻ جهڙو وڏو رسڪ نٿا کڻڻ چاهين، هو مون کي رڳو ڊانسر طور ڏسي رهيا آهن. هن چيو تھ جيڪڏهن سمورا پروجيڪٽس انهن چئن ڇوڪرين کي ڏيڻا آهن، تھ ان ۾ صورت ۾ ڪير بھ اڳيان نھ سوچيندو ۽ اسان کي موقعو نھ ملندو. هن چيو تھ رڳو چئن ساڳين ڇوڪرين کي پراجيڪٽس ڏيڻ غلط آهي، ٻين کي بھ موقعا ڏنا وڃن تھ جيئن مون سميت ٻيون ڇوڪريون بھ اڳيان اچن، منهنجو اڳيون مشن اهو ئي آهي. هن چيو تھ مون کي مک ڪردار ۾ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ ماڻهو گهٻراهٽ جو شڪار هوندا آهن، منهنجي سڃاڻپ تھ ڊانسر آهي، ان صورت ۾ هدايتڪار ۽ پروڊيوسر ڏسي رهيا آهن تھ پهرين ڪير ٿو مون کي اداڪارا طور ڪاسٽ ڪري تھ هو بھ ائين ڪن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close