اسلام آبادپاڪستان

مالياتي ڏوهن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ اٿارٽي ٺاهڻ جو بل سينيٽ مان به منظور

اسلام آباد :وفاقي حڪومت مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي مدد روڪڻ لاءِ نئين اٿارٽي قائم ڪرڻ جو بل قومي اسيمبلي کان پوءِ ٻئي ڏينهن ئي سينيٽ مان به منظور ڪرائي ورتو. جڏهن ته ڪيترن ئي سينيٽ ميمبرن بل جي منظوري جي مخالفت ڪئي. پي پي جي سينيٽر رضا رباني بل منظور ڪرڻ بدران ڪميٽي کي موڪلڻ جي تجويز پيش ڪئي. جڏهن ته چيئرمين سينيٽ بل تي ووٽنگ ڪرائي ڇڏي، بل جي حق ۾ 28 ۽ مخالفت ۾ 9 ووٽ آيا. جمعي تي چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ حنا رباني کر نيشنل اينٽي مني لانڊرنگ اينڊ ڪائونٽر فنانسنگ آف ٽيررزم، اٿارٽي بل 2023 مٿئين ايوان ۾ پيش ڪيو. اسحاق ڊار چيو ته هن بل کي منظور ڪيو وڃي، حنا رباني پاران پيش ڪيل بل کي قومي اسيمبلي منظور ڪيو آهي. هن بل ۾ دير نه ڪئي وڃي. سينيٽر محسن عزيز چيو ته 12-12 بل اچي رهيا آهن، جڏهن ته ايترا بل هڪ ڏينهن ۾ ڪيئن پڙهي سگهجن ٿا. اسان کي رٻڙ اسٽمپ نه بڻايو وڃي، اڄ اسان جي ايوان تي ايڊيٽوريل لکيا پيا وڃن. ايوان منظور ڪيلن مان 54 بلن جي ڇا ضرورت آهي. رضا رباني چيو ته بل منظور ڪرڻ بدران ڪميٽي کي اماڻيو وڃي. جڏهن ته چيئرمين سيٽ بل تي ووٽنگ ڪرائي ۽ بل کي ميمبرن جي اڪثريت جي حمايت سان منظور ڪيو ويو. رضا رباني، ڪامران مرتضيٰ، طاهر بزنجو ۽ عمر فاروق ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button