اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

هفتي ۾ مرچن،چانورن،دالين،بصر ۽ ٿوم سميت 27 شيون مهانگيون

اسلام آباد: هفتيوار بنيادن تي ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 1 ڏهائي 30 سيڪڙو وڌي وئي، ڪل شرح 29 ڏهائي 83 تائين پهتي. ڳڻپ واري اداري هفتيوار مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن مطابق سالياني بنيادن تي مهانگائي جي ڪل شرح 29 ڏهائي 83 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. گذريل هفتي 23 ضروري شين جون قيمتون مهانگيون ٿيون، 7 ضروري شين سستيون ٿيون. 21 جون قيمتون مستحڪم رهيون. ٽماٽر جي في ڪلو قيمت ۾ 20 رپيا واڌ ٿي. گذريل هفتي ايل پي جي جي 11 ڏهائي 67 ڪلو جي گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ 255 رپيا واڌ ٿي، 200 گرام پيٺل مرچ 25 رپيا مهانگا ٿيا. ٿوم في ڪلو 20 رپيا مهانگي ٿي، بصر 3 رپيا في ڪلو، آنا في درجن 10 رپيا مهانگا ٿيا. ان کان علاوه باسمتي ٽوٽا چانور جي قيمت ۾ 5 رپيا، ڳڙ جي في ڪلو قيمت ۾ 3 رپيا واڌ ٿي. دال ماش، دال مسور ۽ پٽاٽن جي قيمت ۾ به اضافو ٿيو. گذريل هفتي سرنهن جو تيل 9 رپيا سستو ٿيو، برائلر زنده ڪڪڙ في ڪلو 6 رپيا سستي ٿي. ويجيٽيبل گيهه 3 رپيا، دال چڻا ۽ دال مڱ هڪ هڪ رپيو في ڪلو سستيون ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button