اسلام آبادپاڪستان

اتحادين نگران وزيراعظم جي مقرري جو اختيار شهباز شريف کي ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم شهبازشريف نگران وزيراعظم جي نالي تي پنهنجي اتحادين سان صلاح مشورا ڪري ورتا. اتحادي پارٽين وزيراعظم کي مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب موجوده اسيمبلين جو مدو مڪمل ٿيڻ ۾ ڪجهه ڏينهن بچيا آهن جنهن سبب نگران سيٽ اپ لاءِ صلاح مشوري وارو عمل تيز ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ جمعي تي وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ اتحادي پارٽين جو اهم اجلاس وڊيو لنڪ ذريعي ٿيو. اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري، اختر جان مينگل، محسن داوڙ سميت حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين جا اڳواڻ شريڪ ٿيا. ذريعن موجب اجلاس ۾ نگران حڪومت ۽ وزيراعظم لاءِ مختلف نالن تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته حڪومتي پارٽين شهباز شريف کي نگران وزيراعظم جي مقرري جا اختيار ڏئي ڇڏيا. اتحادي پارٽين وزيراعظم تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، اتحادي پارٽين آءِ ايم ايف پروگرام تي وزيراعظم جي قدمن کي ساراهيو. اتحادي پارٽين حڪومت جي پندرنهن مهينن جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ مانيٽرنگ سيٽ اپ لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪيون. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ نگران وزيراعظم لاءِ تجويز ڪيل نالن تي غور ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ اتحادي پارٽين ان حوالي سان وڌيڪ مشاورت جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو. گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف 9 آگسٽ تي قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ ڏني هئي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف 8 آگسٽ تي مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض سان مشاورت ڪندو، جنهن بعد فيصلو سامهون ايندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button