شوبز

ماڊلنگ جي دنيا ۾ نامناسب مطالبا عام ڳالهه آهن: فريحا الطاف

پاڪستان جي سينيئر ترين فيشن ڊزانر فريحا الطاف ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو آهي تھ ماڊلنگ جي دنيا ۾ نامناسب مطالبا ٿيڻ عام ڳالهه آهن. يوٽيوب تي انٽرويو دوران ڳالهائيندي فريحا الطاف ٻڌايو تھ ڪم وٺڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهو مجبوري جي حالت ۾ نامناسب مطالبا پورا ڪن ٿا. جڏهن تھ ماضي ۾ ماڊل گرلز جو لفظ ٻڌي ماڻهو ماڊل ڇوڪرين لاءِ غلط تصور ٺاهيندا هئا، پر هاڻ ڪجهه بهتري ضرور آئي آهي. هن چيو تھ مون پنهنجي ماڊلنگ ايجنسي ٺاهي تھ ماڻهن ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي ڪم بابت سفارش ڪئي ويندي هئي، گل موڪلي مون کي چيو ويندو هو تھ فلاڻي کي شو ۾ کڻو، فلاڻي کي اڳيان آڻيو، پر مون ميرٽ تي انٽري ڏياري هئي. هن چيو تھ ڪم عيوض جنسي لاڳاپا رکڻ تھ فيشن انڊسٽري جو حصو آهي، تنهنڪري منهنجي مڱڻي وقت ساهرن ماڊلنگ ڇڏڻ جو مطالبو ڪيو، مون ان کي جواب ڏئي ڇڏيو. شو ۾ ناديا حسين ۽ اڀرندڙ ماڊل چيو تھ فيشن انڊسٽري ۾ ڇوڪرين لاءِ انتهائي غلط سوچ رکي ويندي آهي، اسين اهي مرحلا پار ڪري آيون آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button