شوبز

مان وڊيو ليڪ ٿيڻ کان نٿي ڊڄان: حريم شاهه

پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪ گرل حريم شاهه چيو آهي تھ مون کي پنهنجي وڊيو ليڪ ٿيڻ کان ڊڄ نٿو ٿئي، ڇوتھ اهڙو ڪم ڪيو ئي ناهي. ميڊيا مطابق هڪ انٽرويو دوران حريم شاهه جو چوڻ هو تھ ذاتي زندگي ۾ ڪنهن کان بھ نٿي ڊڄان، تنهنڪري ڪنهن جو حڪم منهنجي مٿان نٿو هلي. هن چيو تھ سينيئر صحافي ۽ ٽي وي ميزبان پيشور ناهن، ريٽنگ جي ڊوڙ ۾ رهن ٿا، ان خاطر ڀلي ڪجهه بھ نشر ڪري ڇڏين. هن چيو تھ منهنجو سياست ڪرڻ جو ارادو ناهي، جيڪڏهن موقعو مليو تھ مستقبل ۾ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي سگهان ٿي ۽ ان جو سبب لاول هوندو. هن چيو تھ سياستدان دل تري تي کنيو گهمن ٿا، اهي عهدا تھ وٺن ٿا، پر کين عزت ۽ ذميواري جي خبر ناهي، پر سندن ڀيٽ ۾ ٻين شخصيتن يا فنڪارن کي عزت وڌيڪ پياري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button