
پاڪستاني اداڪار گوهر رشيد انڪشاف ڪيو آهي تھ مون پنهنجي زندگي دوران ڪيترائي ڀيرا پيار ۾ دوکا کاڌا آهن، پر زندگي ۾ ائين ٿيندو رهندو آهي. خانگي ٽي وي جي شو ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ ڪيريئر جي شروعاتي دور ۾ مون کي پاڻ تي گهڻو اعتماد نھ هو، هيرو جو تصور خوبصورت، ٻلي جهڙيون وڏيون اکيون هو، تنهنڪري اداڪار ٿيڻ جو سوچيو نھ هو.