شوبز

شفاعت علي پاران ڪي پي ڪي ۾ نگران وزارت لاءِ آڇ ٿيڻ جي دعوا

پاڪستان جي مشهور ميزبان، ادڪار ۽ ڪاميڊين شفاعت علي کيس خيبرپختونخواهه صوبي ۾ نگران حڪومت ۾ وزارت لاءِ آڇ ٿيڻ جي دعوا ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق شفاعت علي سماجي رابطن جي پيج تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ اها ڳالهه پڻ ڪري چڪو آهي تھ هن صوبائي نگران سيٽ اپ ۾ شرڪت کان معذرت بھ ڪري ڇڏي آهي. ٽوئيٽر تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ شفاعت علي خان جو چوڻ هو تھ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي تھ ڪي پي ڪي ۾ اطلاعات واري وزارت جي آڇ ٿي، پر مون اڳ ئي ان آڇ کي رد ڪيو آهي. هوڏانهن صحافي وقار ستي هڪ ڏينهن اڳ ٽوئيٽر تي پوسٽ رکي هئي تھ اداڪار ۽ ميزبان شفاعت علي کي ڪي پي ڪي جي نگران ڪابينا ۾ اطلاعات کاتي جو وزير بڻائڻ جا امڪان آهن، جنهن کي پڻ جوابي ٽوئيٽ ڪري شفاعت علي ٻڌايو تھ مان نگران سيٽ اپ ۾ شامل ٿيڻ کان مان معذرت ڪري چڪو آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button