
بالي ووڊ فلمن جي ليجنڊ ڳائڻي آشا ڀوسلي فلم راڪي اور راني ڪي پريم ڪهاني ۾ رنوير سنگهه ۽ عاليا ڀٽ مٿان فلمايل گيت واٽ جهمڪا کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. ميڊيا مطابق آشا ڀوسلي فلمن ۾ پراڻن شاهڪار گانن جي ري ميڪ ٿيڻ تي هدايتڪارن مٿان گهڻي ڪاوڙ ڏيکاري آهي. آشا ڀوسلي جو چوڻ هو تھ هدايتڪار ۽ موسيقار تخليق جي صلاحيت نٿا رکن، ان لاءِ ري ميڪ ٺاهين ٿا، جيڪو غلط آهي. هن چيو تھ ميوزڪ ڊائريڪٽرن کي ري ميڪ بدران نئين شيءَ ڏيڻ گهرجي.