
پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا دبئي جي سحرا جي مسافر بڻجي وئي آهي، جنهن کي منفرد انداز ۾ ڏسي مداح حيران ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق جنت مرزا دبئي جي ريگستان ۾ گهمڻ دوران تصويرون شيئر ڪيون آهن، جن ۾ کيس عرب انداز ۾ ڏسي سگهجي ٿو. جنت مرزا تصويرن جي ڪيپشن ۾ لکيو تھ هاڻ مون کي ڪنهن تي بھ اعتبار ناهي رهيو. هوڏانهن مداحن جي تمام وڏي تعداد جنت مرزا کان دبئي پهچڻ جو سبب ٻڌائڻ جي پڻ فرمائش ڪئي آهي.