
پاڪستان جي نوجوان اداڪار احمد علي بٽ جي زال فاطما خان چيو آهي تھ رشتا هڪٻئي سان ڀيٽڻ سبب ڪمزور ٿي ويندا آهن. ميڊيا سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ هن جو چوڻ هو تھ اوهان زال کي ڪڏهن بھ ائين نھ چئو تھ تون ماءُ جيان گهر نٿي سنڀالي سگهين، ڇاڪاڻ تھ ان سان گهر جي ماحول ۾ سڪون متاثر ٿيندو آهي، شادي شدا مرد خان ڪري گهر جي ماحول کي پرسڪون رکڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو تھ سوچيو تھ اوهان جي ماءُ جي جنهن دور ۾ شادي ٿي، ڇا ان بھ ائين گهر سنڀاليو هو. هن چيو تھ گهر جو ڪم نھ ڪرڻ، کاڌو نھ پچائڻ يا ٻين ڪمن تي مهڻا نفرتون پيدا ڪن ٿا.