پنجاب ۾ بولڊ ۽ نامناسب اشارن سان ڊانس ڪندڙ ڊانسرز خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ پنجاب جي ٿيٽرن ۾ اسٽيج ڊرامن ۾ ناچڻين پاران بولڊ ڊانس ڪرڻ جي شڪايتن بعد صوبائي گهرو کاتو ايڪشن ۾ آيو آهي، جنهن بعد بولڊ ڊانس ڪندڙ ناًچڻين پاويل چوڌري ۽ شمع رانا تي ڪيس بھ داخل ڪيو ويو، پر ٻنهي ناچڻين ضمانت ڪرائي ورتي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ گهرو کاتي وڌيڪ 14 اداڪارائن کي نوٽيس جاري ڪري وضاحت گهري ورتي آهي، ان سان گڏ نگراني ڪندي ٿيٽرن ۾ ڇاپا بھ هنيا ويا آهن تھ جيئن بولڊ ڊانس جي عمل کي روڪي سگهجي. ٻئي پاسي ثقافت ۽ اطلاعات کاتي ڊائريڪٽر سليم ساگر پنجاب آرٽس ڪائونسل کي هٽائي مٿس ڪرپشن جي الزام هيٺ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي تھ ڪجهه ڏينهن اڳ بولڊ ڊانس جي الزامن ۾ 12 کان مٿي ڊانسرز کي نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close