شوبز

مشڪ ڪليم ٻن هفتن بعد شادي ڪري ڇڏيندي

پاڪستان جي سپر ماڊل مشڪ ڪليم ٻن هفتن بعد شادي ڪري ڇڏيندي، جنهن جون تياري جاري آهن. ميڊيا مطابق مشڪ ڪليم پنهنجي شادي جو ڪارڊ بھ مداحن ۾ شيئر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت نادر ضيا ئي مشڪ ڪليم جي زندگي جو ساٿي بڻجندو. جڏهن تھ جوڙي جو نڪاح 15 ڊسمبر تي رٿيو ويو آهي، اهڙي ريت رخصتي 17 ڊسمبر ۽ سندن وليمو 18 ڊسمبر تي رٿيو ويو آهي، پر ڪارڊ ۾ ڪاڄ واري هنڌ بابت خاموشي نظر اچي ٿي. هوڏانهن مشڪ ڪليم جو چوڻ آهي تھ مان ڊسمبر جي وچ ڌاري نئين زندگي شروع ڪري رهي آهيان. ٻئي پاسي ساٿي اداڪارن توڙي دوستن مشڪ ڪليم کي مبارڪون ڏنيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button