شوبز

شوبز ۾ ڪنهن کي فائدو نھ ڏيڻ سبب وڏا ڪردار نھ مليا: جويريا سعود

پاڪستان جي مقبول اداڪارا جويريا سعود انڪشاف ڪيو آهي تھُ شوبز ۾ ڪنهن کي فائدو نھ ڏيڻ سبب مون کي اميد مطابق وڏا ڪردار نھ مليا. ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ ڊراما انڊسٽري ۾ اچڻ لاءِ ڏکيائي نھ ٿي، سٺو ڪم حاصل ڪرڻ ۾ وڏي پريشاني ٿي آهي، ڇاڪاڻ تھ ٻين شعبن جيان شوبز انڊسٽري ۾ بھ ڪم جي عيوض فائدا وٺڻ جون روايتون موجود آهن، ماضي ۾ انهن جو استعمال گهڻو ٿيو آهي. هن چيو تھ رات جو دير تائين گڏ رهڻ، پارٽين ۾ شرڪت سميت ٻيون فرمائشون فائدي ۾ شامل هيون، پر منهنجي اهڙي طبيعت نھ هجڻ ڪري ڪنهن کي فائدو نھ ڏنو. هن چيو تھ ماضي جي ڀيٽ ۾ اڄ عورتن وٽ گهڻا آپشن آهن، جنهن ۾ سوشل ميڊيا بھ آپشن آهي، پر ڪجهه عورتون ان جو بھ غلط فائدا وٺن ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button