شوبز

بجلي جي اگهن ۾ واڌ تي شوبز ستارن ۾ بھ ڪاوڙ جي لهر

پاڪستان ۾ بجلي جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي تي عوام جي ردعمل بعد شوبز ستارن ۾ بھ وڏي پيماني تي ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي آهي ۽ انهن سرندي وارن سميت حڪومت کان متاثر شهرين جي ڀرپور مدد جي اپيل ڪئي آهي. اداڪارا زارا نور عباس مهانگي بجلي سبب پنهنجي معاشي حالت تي روئندڙ شهري جي وڊيو شيئر ڪئي، جنهن کي سميع خان ۽ محب مرزا پڻ شيئر ڪري ڇڏيو ۽ لکيو تھ خدا جي واسطي رحم ڪيو وڃي. اداڪار محبت علي مرزا حڪومت تي چٿر ڪندي چيو تھ، شڪر آهي جو اسين چنڊ تي ناهيون پهتا، نھ تھ اها فيول ايڊجسٽمينٽ بھ بجلي جي بل ۾ لڳي وڃي ها.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button