شوبز

منشا پاشا ۽ جبران کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ بابت فيصلو محفوظ

سنڌ هائي ڪورٽ خوبصورت اداڪارا منشا پاشا ۽ سندس مڙس سماجي ڪارڪن وڪيل جبران ناصر کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ بابت درخواست تي پنهنجو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق سنڌ هائي ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ بينچ جبران ناصر ۽ منشا پاشا جي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت ۾ اهو وڏو انڪشاف ٿيو تھ منشا پاشا ۽ جبران ناصر حساس عداري جي واچ لسٽ ۾ آهن ۽ انهن پاران اهڙو ليٽر پڻ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. منشا پاشا جي وڪيل جو چوڻ هو تھ ايف آئي اي پنهنجي جواب ۾ حساس اداري جو نالو ورتو ۽ حساس اداري جي هدايت تي نالو واچ لسٽ ۾ رکيو ويو. ايف آئي اي اختيارين ٻڌايو تھ هڪ اداري جي ڊي جي وڪيل جبران جو نالو واچ لسٽ ۾ رکڻ جو چيو آهي. جسٽس مسز ڪوثر سلطانا رمارڪس ڏنا تھ واچ لسٽ جي قانوني حيثيت ڪهڙي آهي، وڪيل وراڻيو تھ واچ لسٽ کي ٻيو نالو اي سي ايل ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button