شوبز

پيمرا ريپ جي منظر واري ڊرامي حادثا تي پابندي لڳائي ڇڏي

پيمرا ريپ جي منظرن ۽ ڪهاڻي سان ملندڙ ڊرامي حادثا تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، ڊرامي ۾ ڳائڻي ۽ اداڪارا حديقا ڪياني مک ڪردار ادا ڪيو آهي. ميڊيا مطابق ڊرامي حادثا ۾ موٽر وي تي 2022ع ۾ عورت سان ٿيل ريپ وارو واقعو فلمائڻ جو الزام بھ لڳايو ويو آهي، جنهن بابت پيمرا سماجي رابطن واري اڪائونٽ اڳوڻي ٽوئيٽر هاڻ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي تھ اسان کي ڊرامي حادثا بابت تمام گهڻيون شڪايتون مليون آهن، تنهنڪري ان تي پابندي لڳائي آهي.

بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ڊرامي تي پيمرا ايڪٽ جي سيڪشن 27 تحت پابندي لڳائي اهو معاملو ڪاميٽي ڪائونسل آف ڪمپلينس ڏسندي. بيان موجب ڪائونسل آف ڪمپلينس قائدن ۽ ضابطن کي ڏسي پابندي بابت حتمي فيصلو ڏيندي. جڏهن تھ فيصلو ٿيڻ تائين ڊرامي تي پابندي برقرار رهندي. ياد رهي تھ ڊرامي ۾ حديقا ڪياني پاران فلمايل منظرن سبب مٿس ڇتي تنقيد ٿي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button