شوبز

شوبز ۾ سياست ۽ جهيڙو ممڪن ئي ناهي: صحيفا

پاڪستاني اداڪارا صحيفا جبار انڪشاف ڪيو آهي تھ شوبز جي دنيا محدود آهي، تنهنڪي هتي سياست ٿيڻ يا جهيڙا ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. ميڊيا سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ هن ٻڌايو تھ پٺاڻ خاندان سان هجڻ باوجود اسان وٽ ڇوڪريون تعليم حاصل ڪن ٿيون، تنهنڪري مون اڪنامڪس ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو تھ شوبز ۾ ڪم بابت ڪجهه رڪاوٽون سامهون آيون، پر اهي بھ حل ٿي ويون. هن چيو تھ ڊرامن کان پاسيرو رهڻ جو سبب ذهني دٻاءُ ۽ معياري اسڪرپٽ نھ هجڻ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button