شوبز

فلمن ۽ ڊرامن مان پيسو ڪمايو، گهر پاڻ ورتو آهي: ميرا

پاڪستاني اداڪارا ميرا گهر جي مالڪي بابت هڪ ٻئي ماڻهو جي ڪيل دعوا واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران مقامي عدالت ۾ جواب داخل ڪرائي ورتو آهي. ميڊيا مطابق ميرا پنهنجي جواب ۾ موقف اختيار ڪيو آهي تھ مون فلمن ۽ ڊرامن مان پيسو ڪمايو، گهر پاڻ ورتو آهي. هن عدالت کي ٻڌايو تھ مان مشهور اداڪارا آهيان، تسليم ڪوثر گهر تي ڪوڙا دعوا داخل ڪرائي آهي. جڏهن تھ ڊفينس هائوسنگ سوسائٽي جي ڊائريڪٽر جون دستاويزن تي صحيحون بھ آهن، ڇوتھ اهو ان جي موجودگي ۾ خريد ڪيو هو. هن چيو تھ عدالت کي استدعا آهي تھ گهر جي مالڪي بابت ڪنهن ٻئي جي داخل ڪرايل دعوا کي رد يا خارج ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button