رانديون

وسيم اڪرم پاران پهرين ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ گهٽ تماشائين تي مايوسي جو اظهار

ڪراچي: قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم به پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ پهرين ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ تماشائين جي گهٽ انگ تي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن کيڏيل پهرين ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان ويسٽ انڊيز کي 63 رنسن تان شڪست ڏني هئي. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ تماشائن جو انگ تمام گهٽ هو، جنهن تي رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وسيم اڪرم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ نيشنل اسٽيڊيم کي خالي ڏسي انتهائي افسوس ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button