رانديون

ڪامران اڪمل، پي سي بي چيئرمين رميز راجا جي بيان کي غيرمناسب قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور: ٽيسٽ ڪرڪيٽر ڪامران اڪمل پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا جي رانديگرن جي ڪيٽيگري ۾ تبديلي بابت بيان کي غيرمناسب قرار ڏئي ڇڏيو آهي. رميز راجا جي بيان تي رد عمل ڏيندي ڪامران اڪمل چيو ته ڪرڪيٽر جي حيثيت سان مون کي هن وقت کيڏڻو آهي، جيڪڏهن مان فٽ آهيان ۽ پرفارمنس ڏيان ته 10 سال کيڏي سگهان ٿو، عمر ۽ 7 سال پي ايس ايل کيڏڻ کي ڪيٽيگري تبديل ڪرڻ جو ٻڌائڻ مناسب ناهي.

وڪيٽ ڪيپر جو چوڻ آهي ته اسان پاڪستان ۽ پنهنجي ليگ لاءِ کيڏي رهيا آهيون، جيڪڏهن اسان پرفارم ڪيو آهي ته فرنچائز اسان کي فيڊ ڪيو آهي. ٻين وانگر ان آئوٽ نه رهيا آهيون. ڪامران اڪمل چيو ته پيسي جي ايتري اهميت ناهي هوندي پر جيڪا ڪيٽيگري ڏني وئي اها منهنجي ناهي. واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي ستين ايڊيشن لاءِ پشاور زلمي ڪامران اڪمل کي سلور ڪيٽيگري ۾ چونڊيو هو، جنهن کانپوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽر احتجاج ڪندي پي ايس ايل مان استعيفيٰ جو اعلان ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button