ڪراچي: نميبيا جي ڪپتان گيرهارڊ ايراسمس پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ کيڏڻ لاءِ بيتاب آهي. رپورٽ موجب ڪامران اڪمل جي پي ايس ايل مان دستبرداري جون خبرون منظر عام تي اچڻ کانپوءِ ايراسمس پي ايس ايل کيڏڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نميبيا جي ڪپتان گيرهارڊ ايراسمس چيو ته جيڪڏهن مون کي پاڪستان سپر ليگ ۾ کنيو ويو ته مان پاڪستان سپر ليگ مفت ۾ کيڏڻ لاءِ تيار آهيان. ياد رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي ستين ايڊيشن لاءِ پشاور زلمي ڪامران اڪمل کي سلور ڪيٽيگري ۾ چونڊيو هو، جنهن کانپوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽر احتجاج ڪندي پي ايس ايل مان استعيفيٰ جو اعلان ڪيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close