رانديون

ڀارتي ٽيم ڏکڻ آفريقا جي دوري تي رواني ٿي وئي

ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريقا جي دوري تي رواني ٿي وئي آهي، جنهن ممبئي ۾ ڪورنٽائين جو مدو مڪمل ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق ڏکڻ آفريقا ۾ 26 ڊَسمبر کان شروع ٿيندڙ ميچن ۾ ٽي ٽيسٽ ميچ ۽ ٽي ون ڊي ميچ شامل آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ڏکڻ آفريقا ۾ ڪرونا جي نئين قسم اوميڪرون ويريئنٽ جي ڊپ باوجود ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم کي رڳو هڪ ڏينهن جي ڪورنٽائين ڪرڻي آهي ۽ مٿن ڪي خاص پابنديون نھ لڳايون ويون آهن. دوري تي ويندڙ رانديگرن ۾ محمد سراج، جسپريت ڀمراهه، اجنڪيا راهني، ڇتيشور پجارا، پيرات ڪوهلي ۽ ٻيا شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button