رانديون

انگلينڊ 236 تي آئوٽ، ڪينگروز 282 رنسن جي برتري ماڻي ورتي

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ايشز سيريز جي ٻي ٽيسٽ جي پهرين اننگ ۾ آسٽريليا جي 473 رنسن جي جبل آڏو 236 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي، جنهن بعد آسٽريليا جي ڪينگروز بيٽرن انگلينڊ مٿان مجموعي طور 282 رنسن جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق ايشز سيريز جي ٻي ٽيسٽ جي پهرين اننگ ۾ انگلينڊ جي بيٽرن مان  ڊيوڊ ملان 80 ۽ جوئي روٽ 62 رنسون ٺاهي ٽيم کي سهارو ڏنو. جڏهن تھ بين اسٽوڪس 34 ۽ ڪرس ووڪس 24 رنس تي آئوٽ ٿي ويا. اهڙي ريت جوز بٽلر ۽ اولي رابنسن ٻڙي تي آئوٽ ٿي واپس ويا، اسٽيورٽ براڊ 9، اولي پوپ 5 ۽ جيمز اينڊريسن 5 رنسن سان ڊبل فگر ۾ بھ اچي نھ سگهيا. آسٽريليا جي مچل اسٽارڪ 4 ۽ ناٿن ليان 3 وڪيٽون ورتيون آهن. جڏهن تھ ٻي اننگ ۾ ڊيوڊ وارنر 13 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، پچ تي مارڪس هيريس 21 ۽ مائيڪل نيسر 2 رنسن سان موجود آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button