رانديون

آئرلينڊ جا 4 ڪرڪيٽر ۽ ڪوچ ڪرونا ۾ مبتلا ٿي ويا

آمريڪا ۾ آئرلينڊ جا 4 ڪرڪيٽر ۽ ڪوچ ڪرونا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جن کي ڪورنٽائين ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق آمريڪا ۾ ٽي 20 ليگ کيڏڻ خاطر آيل ڪرڪيٽرن ۽ ڪوچ جي ٽيسٽ مثبت آئي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ لنڪا پريميئر ليگ کيڏندڙ ڪيريبئين ليگ جو بالر ڪوش لٽل اسڪواڊ ۾ ڪرونا وبا پکيڙڻ جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي. هوڏانهن ڪرڪيٽ آئرلينڊ جي بيان ۾ آگاهي ڏني وئي آهي تھ بيري مڪگراٿ، جارج ڊوڪريل، هيري ٽيڪٽر ۽ گيراٿ ڊيليني جي ڪرونا ٽيسٽ مثبت آئي آهي، جن کي ڪورنٽائين ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button