رانديون

قومي هاڪي ٽيم بنگلاديش کي هارائي ڇڏيو، ڏکڻ ڪوريا سان سيمي فائنل کيڏندي

ڍاڪا: پاڪستان هاڪي ٽيم بنگلاديش ٽيم کي 2-6 تان شڪست ڏئي ايشين چيمپيئنز ٽرافي ۾ ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ ڏکڻ ڪوريا سان سيمي فائنل ۾ مقابلو ڪندي. ٽورنامينٽ ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي مخالف ٽيم کي 2 گولن تان شڪست ڏيڻي هئي، ان ڪري جاپان، جيڪا ڀارت کان 0-6 تان هارائي وئي هئي، پنهنجي ٽين پوزيشن وڃائي ويٺي آهي. بنگلاديش جي شهر ڍاڪا ۾ جاري ايشين چيمپيئنز ٽرافي جي ڇهين ايڊيشن ۾ پاڪستان سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي. اعجاز احمد ۽ احمد نديم جي 2، 2 ۽ افراز ۽ محمد رزاق جي هڪ، هڪ گول جي نتيجي ۾ پاڪستان بنگلاديش کي 4 گولن تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.

بنگلاديش طرفان ٻئي گول ارشد حسين ڪيا. پاڪستان خلاف ميچ کان اڳ بنگلاديش پنهنجا ٽئي ميچ هارائي چڪو هو ۽ بنگلاديش ٽيم کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ اپ سيٽ جي ضرورت هئي. پوائنٽس ٽيبل ۾ ڀارت 10 پوائنٽس سان پهرئين، ڪوريا 6 پوائنٽس سان ٻئي ۽ پاڪستان 5 پوائنٽس ۽ بهتر گولن جي ڪري ٽئين ۽ جاپان 5 پوائنٽس سان چوٿين نمبر تي آهي. ايشين چيمپيئنز ٽرافي جو سيمي فائنل هڪ ڏينهن جي وقفي کانپوءِ 21 ڊسمبر تي کيڏيو ويندو. سيمي فائنل ۾ پاڪستان ڪوريا سان پاڪستاني وقت موجب اڍائي وڳي منجهند، جڏهن ته ڀارت ۽ جاپان وچ ۾ ميچ پاڪستاني وقت موجب شام 5 وڳي کيڏي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button