رانديون

ٽينشن رڳو زال ۽ دوست ڏينديون آهن: گنگولي

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ بي سي سي آئي جي صدر ساروف گنگولي دلچسپ انداز ۾ صحافي جي هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو آهي تھ ٽينشن رڳو زال ۽ دوست ڏينديون آهن. ميڊيا مطابق ساروف گنگولي ڪالهه هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي صحافين ان کان ويرات ڪوهلي جي معاملي ۽ ڪرڪيٽ جي ڪيترن ئي ڳالهين بابت دلچسپ سوالن جا جواب ڏنا آهن. هن کان هڪ صحافي سوال ڪيو تھ اوهان جي زندگي ۾ ٽينشن آهي، جنهن تي ساروف گنگولي کلندي جواب ڏنو تھ منهنجي زندگي ۾ ڪنهن بھ قسم جي ڇڪتاڻ يا ٽينشن نھ آهي، پر هڪ ڳالهه چوان تھ ٽينشن رڳو زال ۽ دوست ڏينديون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button