رانديون

“ليجنڊز ليگ ڪرڪيٽ” ۾ رٽائرڊ ڪرڪيٽر ايڪشن ۾ نظر ايندا

ڪراچي: پاڪستان سميت ٻين ملڪن جا رٽائرڊ رانديگر “ليجنڊز ليگ ڪرڪيٽ” سان ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ واپسي لاءِ تيار آهن. ليجنڊز ليگ ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان، ڀارت، سريلنڪا، بنگلاديش ۽ افغانستان سميت سڄي دنيا جا رٽائرڊ ڪرڪيٽر ايڪشن ۾ نظر ايندا. رٽائرڊ ڪرڪيٽرز جي پروفيشنل ٽي-20 ليگ 22 جنوري کان عمان ۾ شروع ٿيندي.

ليگ ۾ پاڪستان جي ليجنڊ ڪرڪيٽرن کي به ايشيا ٽيم جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ شاهد آفريدي، شعيب اختر ۽ يونس خان سميت ٻين ڪيترن ئي ليجنڊ رانديگرن جا نالا شامل آهن. ليجنڊز ليگ ڪرڪيٽ جي سي اي او رمن راهيجا موجب ايشين ٽيم کي “ايشيا لائنز” جو نالو ڏنو ويو آهي، بنيادي طور تي ٽيم ۾ اڳوڻو اسپيڊ اسٽار شعيب اختر ۽ اڳوڻي سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جي سوريا سميت ليجنڊري ڪرڪيٽر شامل آهن.

هن چيو ته ايشيا لائنز اسڪواڊ ۾ ٻين پاڪستاني رانديگرن ۾ اظهر محمود، مصباح الحق، محمد حفيظ، شعيب ملڪ، محمد يوسف، عمر گل ۽ يونس خان شامل آهن. ٽيم ۾ 6 سريلنڪن رانديگر جي سوريا، مرلي ڌرن، چمندا واس، روميش ڪالوٿرانا، دلشان ۽ ايپل ٿرنگا شامل آهن، جڏهن ته افغانستان جو اڳوڻو ڪرڪيٽر اصغر افغان به ايشيا لائنز اسڪواڊ جو حصو هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button