رانديون

پي سي بي چيئرمين جي بيان تي سلمان بٽ جي ڪاوڙ، سخت تنقيد

لاهور: قومي ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان سلمان بٽ چيئرمين پي سي بي رميز راجا جي رانديگرن جي پگهارن بابت بيان تي ڪاوڙجي پيو آهي. سلمان بٽ پنهنجي يوٽيوب چينل تي ڳالهائيندي رميز راجا جي پريس ڪانفرنس دوران ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽرن جي حوالي سان ڏنل بيان کي ڪوڙ ۽ ميڊيا جي توجهه حاصل ڪرڻ جي چال قرار ڏنو آهي.

سلمان بٽ چيو ته جڏهن به ڪنهن شخص کي ڪنهن اداري جو سربراهه بڻايو وڃي ٿو ته ڇا اها تنظيم ان شخص جو جنون پورو ڪرڻ شروع ڪري ٿي؟ اوهان جي جنون جي ٻيو ڪير پيروي ڇو ڪري؟ پاليسي ڪٿي آهي؟ اڳوڻي ڪپتان رانديگرن جي ماهوار آمدني بابت رميز راجا جي بيان تي به تنقيد ڪئي. هن چيو ته اهڙا بيان صرف ميڊيا جي توجهه حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن، جيڪي ڪنهن به حقيقت تي ٻڌل ناهين.

سلمان بٽ جو چوڻ هو ته ڊوميسٽڪ رانديگرن جي پگهارن ۾ واڌ جو وڏو سبب کين مستقل ڪيريئر فراهم ڪرڻ هو، هاڻي هر رانديگر 50 کان 60 لک رپيا ماهوار ڪمائي رهيو آهي، اهڙي ڳالهه ڪڏهن به نه ٻڌي هئي. هڪ رانديگر جي ماهوار پگهار اڍائي لک آهي، جيڪا 30 لک رپيا سالانه آهي. ياد رهي ته رميز راجا ڪجهه ڏينهن اڳ پريس ڪانفرنس ڪئي هئي، جنهن دوران هن ڊوميسٽڪ رانديگرن جي پگهار وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ چيو هو ته هر رانديگر 50 کان 60 لک رپيا ماهوار ڪمائي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button