رانديون

انگلش ڪرڪيٽ اسڪواڊ ۾ شامل 4 ماڻهو ڪرونا ۾ مبتلا ٿي ويا

انگلش ڪرڪيٽ اسڪواڊ ۾ شامل 4 ماڻهو ڪرونا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جنهن بعد انهن کي ڪورنٽائين ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ايشز سيريز کيڏندڙ اسڪواڊ جي 2 اسٽاف ميمبرن ۽ ڪٽنب جي 2 ماڻهن جي ڪرونا ٽيسٽ مثبت اچي وئي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ٽين ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن واري راند کان اڳ ڪرونا ڪيسن جي اطلاع تي مينيجمينٽ ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي. جڏهن تھ انگلش اسڪواڊ جي ٻين ميمبرن ۾ بھ ڪرونا جو خدشو ظاهر، جنهن ڪري اسٽاف ميمبرن ۽ رانديگرن جي بھ ٻيهر پي سي آر ٽيسٽ ڪئي ويندي. ٻڌايو ويو آهي تھ رانديگرن، اسٽاف ميمبرن ۽ سندن گهرڀاتين ڪرسمس جي ڏينهن تي گڏجي وقت گذاريو هو، امڪان آهي تھ اتان ئي ڪرونا داخل ٿي آهي. هوڏانهن ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سي اي او نڪ هاڪلي جو چوڻ آهي تھ سيريز ختم نھ ٿي رهي آهي، رانديگرن جي صحت کي اسان پهرين ترجيح ۾ رکيو آهي.

ڪرونا ڪيس سامهون اچڻ بعد ايشز سريز خطري ۾ پئجي وئي

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ اسڪواڊ جي چئن ماڻهن ۾ ڪرونا ڪيس مثبت اچڻ بعد ايشز سيريز خطري ۾ پئجي وئي آهي. ميڊيا مطابق ماهرن جو چوڻ آهي تھ اسڪواڊ ۾ هڪ ئي وقت 4 ڪرونا مثبت ڪيس ٿيڻ جو مطلب آهي تھ وبا پکڙجي رهي آهي، تنهنڪري امڪان آهي تھ باقي ميچن کي في الحال روڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button