رانديون

آسٽريليا 267 رنسن تي آئوٽ، انگلش بيٽنگ ٻيهر لڏي وئي

ايشز سيريز جي ٽين ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن واري راند دوران آسٽريليا 267 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي آهي. جڏهن تھ انگلش بيٽنگ ٻي اننگ ۾ بھ لڏي وئي آهي. ميڊيا مطابق آسٽريليا 61 رنسن رنسن تي هڪ وڪيٽ جي نقصان سان راند شروع ڪئي تھ مارڪس هيرس 76 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي. جڏهن تھ ڊيوڊ وارنر 38، نيٿن ليان 10، ٽريوس هيڊ 27 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. جڏهن تھ انگلينڊ جي بالرن مان جيمس اينڊريسن 4 وڪيٽون ورتيون، مارڪ ووڊ ۽ رابنسن 2،2 آئوٽ ڪيا. اهڙي ريت انگلينڊ ٻي اننگ شروع ڪئي تھ ان جا 4 بيٽر حسيب احمد 7، زيڪ ڪرائولي 5، جيڪ ليچ ۽ ڊيوڊ ملان ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويا. راند ختم ٿيڻ وقت جوئي روٽ 12 ۽ بين اسٽوڪ 2 رنسن سان پچ تي موجود هئا.

ڪيون پيٽرسن انگلش بيٽرن تي تنقيد بعد سندن حمايت ڪري ڇڏي

انگلينڊ جو اڳوڻو اسٽار ڪرڪيٽر ڪيون پيٽرسن پنهنجي بيٽرن تي ٿيندڙ ڇتي تنقيد بعد سندن حمايت ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڪيون پيٽرسن بيان جاري ڪندي چيو آهي تھ ايشز ۾ بيٽرن جي خراب پرفارمنس تي تنقيد نھ ڪرڻ گهرجي. هن چيو تھ اصل ۾ بورڊ جو سڄو نظام خراب ٿي ويو آهي، رانديگرن جو ڏوهه ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button