رانديون

ٽنڊوغلام علي ۾ آغا الهڏنو دراني ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ شروع

ٽنڊو غلام علي: ٽنڊوغلام علي ۾ سماجي شخصيت مرحوم آغا الهڏنو دراني جي ياد ۾ ھارڊ بال تي ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ شروع ٿي وئي، جنهن جو افتتاح آغا همايون ظفر الله خان دراني ۽ سندس ڀا آغا سميع الله خان دراني ڪيو. ٽورنامنٽ ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن جون ڪرڪيٽ ٽيمون حصو وٺي رهيون آھن.

پهرين ميچ ۾ سعادت ڪرڪيٽ ٽيم ٽنڊو الهيار ٽاس کٽي بيٽگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ مخالف ٽيم مجاهد ڪرڪيٽ ٽيم بدين کي 170رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. جڏھن ته مخالف ٽيم مجاهد ڪرڪيٽ ٽيم بدين 19 اوورن ۾ 130 رنسون ٺاهيندي آل آئوٽ ٿي وئي. ٽورنامنٽ جي انتظامي ڪاميٽي ۾ شامل مختيار علي شاھه، ظفر سولنگي، استاد قمبر علي قمبراڻي ۽ سعادت کوکر آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته هلندڙ ڪرڪيٽ ٽي-ٽوئنٽي ٽورنامنٽ 20 ڏينهن جاري رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button