
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ بي سي سي آئي جي صدر ساروف گنگولي عالمي وبا ڪرونا ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق ساروف گنگولي جي ڪرونا ٽيسٽ مثبت آئي آهي، جنهن بعد کيس دهلي جي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. اسپتال جي ذريعن جو چوڻ آهي تھ ڊاڪٽرن موجب ساروف گنگولي ۾ ڪرونا جون معمولي علامتون ظاهر ٿيون آهن. ياد رهي تھ ساروف گنگولي ڪجهه وقت اڳ دل جي تڪليف سبب انجيوپلاسٽي پڻ ڪرائي چڪو آهي.