رانديون

بولينڊ هٿان انگلينڊ 68 رنسن تي ڍير، آسٽريليا ايشز کٽي ورتي

آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم ايشز سيريز جي ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ کي اننگ ۽ 14 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي آهي. جڏهن تھ اسڪاٽ بولينڊ 6 وڪيٽون وٺي ويو آهي. ميڊيا مطابق ايشز سيريز جي ٽين ٽيسٽ ۾ آسٽريلوي بالر اسڪاٽ بولينڊ 4 اوورن ۾ 7 رنسون ڏئي انگلينڊ جا 6 بيٽر پويلين واپس موڪلي ڇڏيا آهن. ان کان اڳ ٽئين ڏينهن تي انگلش بيٽر ڪپتان جوئي روٽ 28، بين اسٽوڪس 11، جوني بيرئسٽو 5، جيمس اينڊريسن 2 رنسون ٺاهيون ۽ اولي رابنسن ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويو. جڏهن تھ ٻئي ڏينهن واري راند ۾ انگلينڊ جا 4 بيٽر 31 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا هئا. اهڙي ريت ٻي اننگ ۾ بولينڊ جي جارحاڻي بالنگ آڏو انگلش بيٽر اسڪور ۾ رڳو 37 جو اضافو ڪري سگهيا، جنهن بعد کين اننگ ۽ 14 رنسن تان شڪست ملي آهي. باڪسنگ ڊي نالي ايشز سيريز جي ٽين ٽيسٽ ۾ آسٽريليا پهرين اننگ ۾ 267 رنسون ٺاهيون هيون. جڏهن تھ انگلينڊ موٽ ۾ پهرين اننگ ۾ 185 ۽ ٻي اننگ ۾ رڳو 68 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي. آسٽريليا جي اسڪاٽ بولينڊ کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button