ڪراچي: آل رائونڊر وهاب رياض چيو آهي ته ٻار ڪاوڙجي وڃي ته گهر کان ٻاهر نه نڪرندو آهي، ڪامران اڪمل به اسان جي خاندان جو حصو آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وهاب رياض چيو ته مان پشاور زلمي جو ڪپتان آهيان، فرنچائز مون تي يقين رکي ٿي، جڏهن ته پشاور زلمي هڪ خاندان وانگر آهي.
هن چيو ته پشاور زلمي جي تمام گهڻي عزت آهي ان ڪري ڇڏڻ جو نه سوچيو هو، سڄي دنيا ۾ ليگز کيڏي چڪو آهيان ۽ وڪيٽون به ورتيون آهن. وهاب رياض چيو ته خاندان ۾ ناراضگي ٿيندي آهي، پشاور زلمي به اسان لاءِ خاندان وانگر آهي، جيڪڏهن ٻار ناراض ٿئي ٿو ته گهر نه ٿو ڇڏي سگهي، ڪامران اڪمل به اسان جي خاندان جو حصو آهي.