رانديون

اُٿل پٿل زندگي جو حصو آهي پر جدوجهد جاري رکڻ گهرجي: ڪامران اڪمل

ڪراچي: پاڪستان جي ٽيسٽ وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين ڪامران اڪمل چيو آهي ته اُٿل پٿل زندگي جو حصو آهي پر جدوجهد جاري رکڻ گهرجي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامران اڪمل چيو ته زندگي ۾ سڀ ڪجهه ڪم ايندو آهي، ڏکيو وقت هر ڪنهن تي ايندو آهي، پاڻ تي يقين رکڻ تمام ضروري آهي، اها ناراضگي جاري رهندي.

ڪامران اڪمل چيو آهي ته اُٿل پٿل زندگي جو حصو آهي پر محنت ۽ جدوجهد جاري رکڻ گهرجي، مستقبل لاءِ تمام گهڻو پراميد آهيان. هن چيو ته منهنجي ڪيٽيگري ۾ فرنچائز جو ڪو به ڪردار ناهي، اهو پي سي بي جو ڪم هو، پي سي بي کي چوندس ته ڪيٽيگري ڏيڻ جو عمل ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته پشاور زلمي سان لاڳاپا جاري رهندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button