نئين دلي: ڀارت جي اڳوڻي هيڊڪوچ روي شاستري فاسٽ بالر محمد شامي جي ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ ۾ شاندار بالنگ جي ساراهه ڪئي آهي. سينچورين جي سپر اسپورٽس پارڪ ۾ کيڏي ويندڙ ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ جي ٽئين ڏينهن محمد شامي شاندار بالنگ ڪندي پنج رانديگرن کي آئوٽ ڪري پنهنجي ٽيم کي پهرين اننگز ۾ 130 رنسن جي برتري ڏياري.
جڏهن ته محمد شامي ڏکڻ آفريڪا جي ڪيگيسو ربادا کي آئوٽ ڪري پنجين وڪيٽ ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 200 هين وڪيٽ حاصل ڪئي. اڳوڻي ڀارتي هيڊڪوچ روي شاستري محمد شامي جي شاندار بالنگ جي ساراهه ڪئي. روي شاستري سوشل ميڊيا تي لکيو ته بنگال جي سلطان کي مبارڪون، ٻن ڏينهن کانپوءِ برياني ڏسڻ ۾ مزو آيو، محنت رنگ لائي وئي.