رانديون

روس ٽيلر عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪري ورتو

نيوزيلينڊ جي اهم ڪرڪيٽر روس ٽيلر عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق روس ٽيلر عالمي ڪرڪيٽ جي ڪيريئر جون آخري ميچون ايندڙ سال جنوري کان مارچ تائين آسٽريليا ۽ نيڌرلينڊ خلاف کيڏندو. جڏهن تھ جنوري ۾ بنگلاديش خلاف ٻن ميچن بعد روس ٽيلر ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي پڻ الوداع ڪري ڇڏيندو. جاري ڪيل بيان ۾ روس ٽيلر جو چوڻ هو تھ سفر جي پڄاڻي ٿيندي آهي ۽ منهنجو اهو سفر ختم ٿي ويو. هن چيو تھ عظيم رانديگرن سان گڏ ۽ مخالفت ۾ کيڏڻ اعزاز جيان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button