پاڪستان جي ڪرڪيٽ جي حوالي سان سال 2021ع ڪاميابين ۽ شاندار ڪارڪردگي جو سال رهيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان ٽيسٽ توڙي ٽي 20 ميچن ۾ وڏي پيماني تي فتحون ماڻيون ۽ سندس ڪپتان بابراعظم توڙي وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان بهترين بيٽر طور اڳيان آيا. ميڊيا مطابق 2021ع ۾ ورلڊ ڪپ جي مقابلن دوران پاڪستان هٿان پهريون ڀيرو ڀارت کي شڪست ملي، جنهن سان پاڪستان ڪرڪيٽ هڪ تاريخ لکي ڇڏي. جڏهن تھ سڄي سال جي ڪيلنڊر دوران پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم 9 مان 7 ٽيسٽ ميچ کٽيا آهن ۽ 29 ٽي 20 ميچن مان 20 ۾ ڪاميابي ماڻي پنهنجي صلاحيتن کي تسليم ڪرايو آهي. اهڙي ريت پاڪستان ٽي 20 ۾ 2 ڀيرا چيمپيئن رهندڙ ويسٽ انڊيز کي هارايو، جنهن دوران ٽي ٽيسٽ سيريز کٽيون ۽ هڪ بنا نتيجي ختم ڪئي. پاڪستاني ٽيم وڏي ڳرصي بعد ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهتي، جنهن ۾ نيوزيلينڊ، افغانستان، اسڪاٽ لينڊ، نميبيا ۽ آئرلينڊ جي ٽيمن کي پڻ هارائي گروپ ۾ پهرين پوزيشن تي رهي. جڏهن تھ ون ڊي ۾ پڻ پاڪستان جي بهترين پرفارمنس رهي ۽ ان 6 مان 2 ميچون کٽيون. ڪپتان بابراعظم ٽي 20 ۽ ونڊي رينڪنگ ۾ نمبر ون رهيو ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان رنسن جا انبار لڳائي پاڻ مڃائي ورتو. نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ ۾ ٽيم بهترين پرفارمنس ڏني.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close