
ڪرڪيٽ آسٽريليا ٽيم آف دي ايئر چونڊي ورتي آهي، جنهن ۾ 3 پاڪستاني ڪرڪيٽر پڻ شامل آهن. ميڊيا مطابق آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ جي جوڙيل ٽيم ۾ شاهين آفريدي، حسن علي ۽ فواد عالم جڳهه ٺاهي ورتي آهي. روهت شرما ۽ ڊيموٿ ڪرونارتني اوپنر هوندا، وڪيٽ ڪيپر رشڀ پنٽ کي بڻايو ويو آهي. جڏهن تھ ڪائلي جيميسن، ايشون، اڪشر پٽيل، روٽ، ليبوشين بھ ٽيم آف دي ايئر جو حصو بڻيا آهن.