
پاڪستان جي 16 سال لاڳيتو نيشنل چيمپيئن رهندڙ عالمي طور مڃيل باڪسر عبدالرشيد قمبراڻي بيماري ۽ بيروزگاري سبب انتهائي خراب حالت ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، تنهنڪري هن احتجاج طور پنهنجا ميڊل باهه ڏئي ساڙڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق اڳوڻي باڪسر عبدالرشيد قمبراڻي هن وقت ڪنگال آهي ۽ سندس حالت رحم جوڳي آهي، ڇاڪاڻ تھ سندس هڪ ٻانهن حادثي ۾ ٽٽي پئي آهي ۽ ڄنگهه ۾ زخم آهن، مٿان وري سرڪار سندس نوڪري بھ ختم ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد هو ڀيڻ جي گهر ۾ منتقل ٿي ويو آهي. هڪ انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ زال فوت ٿي وئي آهي، ٻار ناني وٽ رهندا آهن، پر غربت سبب انهن ڏي وڃي بھ نٿو سگهان. هن ٻڌايو تھ اسٽيل مل ۾ 27 سال نوڪري ڪئي، جتان بنا سبب برطرف ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن حڪومت نوڪري ڏئي علاج نھ ڪرايو تھ پنهنجا ميڊل ساڙيندس، ڇوتھ اهي منهنجي ڪنهن ڪم جا ناهن.